ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو: هي ڪتبخانو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو لاڙڪاڻي ۾ ذاتي ڪتبخانو آهي. هن ڪتبخاني ۾ پندرهن هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب، قلمي نسخا، ناياب ڪتاب ۽ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. سال 1949ع کان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ائين وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو گڏ ٿيندو رهيو. هنن لاتعداد ڪتابن مان اڪثر تاريخ، ادب، ثقافت، مذهب ۽ فلسفي وغيره تي لکيل آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لائبرري لاڙڪاڻي جي اها واحد لائبرري آهي، جنهن ۾ ٻارهين صديءَ جا ڪتاب به موجود آهن. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جي حياتيءَ ۾ هن ڪتب خاني جي ڪتابن جي ججهي تعداد سبب لائبرريءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو